کاڌي جي وقت گئس پهچائڻ کي ترجيح ڏني ويندي: اوگرا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) جو چوڻ آهي ته گئس جي کوٽ آهي، طلب تمام گهڻي آهي، کاڌي جي وقت تي گئس جي فراهمي پهرين ترجيح آهي.هڪ بيان ۾ اوگرا جي ترجمان عمران غزنوي چيو آهي ته گذريل سال کان گيس سيفٽي بابت مهم هلائي رهي آهي، گئس سلينڊر جو استعمال تمام احتياط سان ڪيو وڃي.ترجمان جو چوڻ آهي ته اوگرا جي ويب سائيٽ تي سلينڊر ٺاهيندڙن جي لسٽ موجود آهي، مارڪيٽ ۾ ملندڙ ننڍڙا سلينڊر غير معياري آهن، جتي غير معياري سلينڊر ٺاهيا ويندا آهن اتي ڪارروائي ڪندا آهيون.عمران غزنوي چيو ته غير معياري سلينڊر ۽ ايل پي جي گيس جو ليڪ ٿيڻ حادثن جو سبب آهن.سلينڊر استعمال ڪرڻ ۾ تمام گهڻي احتياط جي ضرورت آهي.هنن جو اهو به چوڻ آهي ته سلينڊر کڻڻ وقت مقرر وزن جو خيال رکيو وڃي، گئس پريشر پمپ جو استعمال غير قانوني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو