ڦٽيءَ جي في مڻ تي 5 ڪلو ڪڻتو،آبادگارن جو احتجاج

صالح پٽ (نياز مهر) يوسي ترائي جي ڊسٽرڪٽ ڪونسل جي ميمبر صديق مهر جي اڳواڻي ۾ سوين آبادگارن في مڻ تي 5 ڪلو ڪڻتو يعني ڀتووصول ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي آبادگار محمد صديق مهر، ا مجد مهر، عبدالله شاهه، غازي خان جمالي، رمضان ڪوري، پناه مهر ۽ ٻين چيو ته اسان ننڍن آبادگارن سان وڏو ظلم ٿي رهيو آهي ڪاٽن فيڪٽرين جا مالڪ ضلعي انتظاميه ۽ وڏن زميندارن سان ملي ڀڳت ڪري اسان کي  نقصان پهچايو ٿو وڃي ۽ في مڻ تي 5 ڪلو وصول ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. آبادگارن وزير اعليٰ سيد مراد علي شاهه کي اپيل ڪئي ته فيڪٽري مالڪن خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي 5 ڪلو وصول ڪرڻ کان بچايو وڃي ۽ ڪپھ جو صحيح طرح ريٽ ڏياريو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو