ڏکڻ وزيرستان: ڪامياب آپريشن، آپگهاتي بمبار مارجي ويو

ڏکڻ وزيرستان: ڪامياب آپريشن، آپگهاتي بمبار مارجي ويو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)سڪيورٽي فورسز ڏکڻ وزيرستان جي علائقي اسپنڪي ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪامياب آپريشن ڪيو، جنهن دوران آپگهاتي بمبار نيڪ رحمان محسود عرف نيڪرو مارجي ويو.سڪيورٽي فورسز آپگهاتي بمبار جي موجودگي جي اطلاع تي ان جي ڳجهي هنڌ جو گهيرو ڪيو.دهشتگرد ان وقت مارجي ويو جڏهن سندس آپگهاتي جيڪٽ فائرنگ جي تبادلي دوران ڌماڪي جي نتيجي ۾ مارجي ويو.مارجي ويل دهشتگرد نيڪ رحمان محسود عرف نڪرو افغانستان جي صوبي لوگر مان پاڪستان آيو هو.دهشتگرد نيڪ رحمان محسود عرف نيڪرو ٽي ٽي پي جي اهم ڪمانڊر عظمت الله عرف لالا ۽ خيربن عرف خيرو جو ويجهو ساٿي هو.مارجي ويل دهشتگرد سڪيورٽي ادارن تي ڪيترن ئي حملن ۾ ملوث هو.سڪيورٽي ادارن جي ڪامياب حڪمت عملي ۽ پشتون عوام جي سيڪيورٽي ادارن جي مدد سان دهشتگردن جو صفايو ڪرڻ ممڪن ٿي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو