ڏکڻ ضلعي انتظاميه پاران ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروايون جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڏکڻ ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر لياري، اسسٽنٽ ڪمشنر سول لائن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر گارڊن سان گڏ ڊرگ ڪنٽرول ايڊمنسٽريشن جي ٽيم ۽ مقامي پوليس ڏکڻ ضلعي ۾ ڪارروايون ڪري رهيا آهن، جنهن دوران 20 ميڊيڪل اسٽورن تي 3 لک 80 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو. ڪيترن ئي ميڊيڪل اسٽورن کي وارننگ ڏني وئي، 2 ميڊيڪل اسٽور سيل ڪيا ويا. اسسٽنٽ ڪمشنر سول لائن رانا ابوبڪر پاران ڪلفٽن، گزري سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪارروايون ڪندي 3 ميڊيڪل اسٽورن تي 1 لک 20 هزار ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو. اسسٽنٽ ڪمشنر لياري ماجد الطاف لياري جنرل اسپتال سان گڏيل علائقن سميت چاڪيواڙه روڊ، لي مارڪيٽ سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ 15 ميڊيڪل اسٽورن تي ڪاروائي ڪندي 1 لک 60 هزار ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو. اسسٽنٽ ڪمشنر گارڊن اسما بتول گارڊن ايريا ۾ ڪارروائي ڪندي 2 ميڊيڪل اسٽورن تي هڪ لک ڏنڊ ۽ 2 دڪان سيل ڪري ڇڏيا. ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ جي هدايتن تي ڪارروايون ڪيون ويون، ڪاروائي دوران شڪ ۾ ايندڙ دڪانن تي ڇاپي دوران جعلي دوائون، مهانگي اگهه تي وڪرو ڪندڙ دوائون، ايڪسپائرڊ دوائون، غير رجسٽرڊ دوائون ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرولڊ ڊرگز ۽ ٻيون حياتيون بچائيندڙ دوائون جيڪي وڏي مقدار ۾ ذخيرو ڪيون ويون هيون اهي تمام گهڻي مقدار ۾ هٿ ڪيون ويون ۽ دڪانن کي سيل ڪيو ويو. ضلعي ڏکڻ جا سمورا اسسٽنٽ ڪمشنر وقت بوقت سمورين بازارن جو اوچتو دورو ڪندا ۽ غير معياري ۽ غيرقانوني دوائون وڪرو ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ميڊيڪل اسٽورن تان سمورين زندگي بچائيندڙ دوائن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو