ڏهرڪي پوليس جي زيادتي خلاف قومپرست ڪارڪن جو احتجاج

ڏهرڪي پوليس جي زيادتي خلاف قومپرست ڪارڪن جو احتجاج

خانپورمهر (رپورٽ:آفتاب سيال) خانپورمهر ڏھرڪي واسي قومپرست ڪارڪن ڪمال مهر ۽ ٻين جو ڏھرڪي پوليس جي زيادتين خلاف خانپورمهر ۾ احتجاج، قومپرست ڪارڪن ڪمال مهر پنهنجي عزيزن سان گڏجي ڏھرڪي پوليس جي زيادتين خلاف تعلقه پريس ڪلب خانپورمهر ۾ احتجاج ڪيو ان موقعي تي ڪمال مهر ميڊيا کي ٻڌايو ته ڏھرڪي ۾ خودڪشي ڪندڙ نوجوان راشد ٽانوري جو منهنجي ڀائرن خلاف ڪوڙو قتل ڪيس داخل ڪري گهوٽڪي ضلعي جي پوليس اسان جي خلاف رڻ ٻاري ڇڏيو آهي هن چيو ته داخل ڪيس ۾ منهنجو هڪ ڀاء پوليس حراست ۾ ٻيو ضمانت تي آهي ان باوجود ڏھرڪي پوليس سميت مختلف ٿاڻن جي پوليس اسان جي گهرن کي مسلسل ڪڙو چاڙهي ويٺل آهي ۽ گهرن مان ڦرلٽ ۽ ڀڄ ڊاھ ڪئي پئي وڃي ڪمال مهر چيو ته اسان ڪوڙي ڪيس خلاف ڊي آء جي سکر آڏو احتجاج ڪيو جنهن تي ڊي آء جي سکر معاملي جي انڪوائري مقرر ڪئي آهي ان باوجود پوليس بااثرن جي چرچ تي اسان خلاف مسلسل ڪاروايون ڪري رهي آهي گهرن کي ڪڙو چڙهيل آهي اسين دربدر آهيون مظاھرين چيف جسٽس آف پاڪستان، آء جي سنڌ، ڊي آء جي سکر ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته گهوٽڪي پوليس جي زيادتين جو نوٽيس ورتو وڃي قومپرست ڪارڪن ڪمال مهر چيو ته پوليس ڪاروايون نه روڪيون ويون ته سخت احتجاج ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو