ڌرتي ڌڻي 17 نومبر تي پيغام سنڌ ريلي ۾ شرڪت ڪن؛ صنعان

مانجهند (مهراڻ عمراڻي) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آھي وطن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ ڌرتي ڌڻي 17 نومبر تي پيغام سنڌ ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪن. اهڙيون ڳالهيون مانجهند لاکا بس اسٽاپن تي ڪارڪنن جي وڏي انگ طرفان استقبال ۽ سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادڙ چاڙھن کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيون. صنعان خان وڌيڪ چيو ته سنڌي قوم بنا ڪنهن مذھب، ذات پات جي فرق سان ريلي ۾ شريڪ ٿين ڪراچي سنڌين جو شھر آھي جنهن خلاف ٿيندڙ سازش جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ميدان عمل ۾ آھيون جنهن لاءِ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي  شھر سن ۽ تعلقه مانجهند جي عوام کي شرڪت جي دعوت ڏيڻ لاءِ پهتو آھيان اميد ته سنڌي عوام وطن خاطر ڀرپور شرڪت ڪندو. ان موقعي تي سينئر وائيس چئرمين امجد خان مهيسر، ديدار شام، اطهر سومرو پڻ ساڻس گڏ هئا. ان کان اڳ مانجهند پهچڻ تي ڪارڪنن گلشير کوسو، سجاد پيرذادو ۽ ٻين جسقم قيادت پهچڻ تي گلن جي ورکا ڪري اجرڪون اوڍائي ڀرپور استقبال ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو