ڌاڙيلن خلاف فوجي آپريشن ٿيڻ گهرجي، تيغو خان تيغاڻي

شڪارپور (ن سنڌيار) سردار تيغو خان تيغاڻي چيو آھي تھ ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف فوجي آپريشن ڪيو وڃي. مان آزاد سياستدان آهيان، پوءِ به سدائين پيپلز پارٽي جي مدد ڪئي، ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ جا سياستدان مونکي سياسي ميدان تان هٽائڻ گهرن ٿا، اهڙو اظهار هن عدالت ۾ پيشي بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ڌاڙيلن جي پٺڀرائي ۾ مونکي گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪو ٺيڪ ناهي. هن چيو ته اي ايس پي فاضل شاهه ڌُر بڻجي ويو آهي، پوليس اڃا تائين جاچ مڪمل ناهي ڪئي، 3 هفتا گذرڻ باوجود ڪيس جو چالان پيش ناهي ٿي سگهيو، عدالت مان انصاف جي اُميد آهي، ھي جيڪو ڪجهھ ٿيو آھي سياسي بنيادن تي ٿيو آھي، 100 کان وڌيڪ ڏوھاري پڪڙائي پوليس حوالي ڪرايا آھن، جيڪا بھ صورتحال ھلي پئي ان کي منھن ڏئي رھيو آھيان ۽ ڏيندو رھندس، پوليس ڪيس ڪمزور ٺاھي ٿي ان ڪري ڏوھاري آزاد ٿي وڃن ٿا، ڪچي ۾ ھاڻ فوجي آپريشن ٿيڻ گھرجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو