ٺٽو(ن س) ٺٽي ۾ ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي بجلي جو وڏو بريڪ ڊائون، لائين ڦاٽي پئي.واٽر ڪارپوريشن موجب 72 انچ قطر جي پائيپ لائين نمبر 5 بڪ پريشر سبب ڦاٽي پئي، جتان ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٿو. واٽر ڪارپوريشن جو چوڻ آهي ته پائپ لائن ڦاٽڻ سبب پمپنگ اسٽيشن جا 19 پمپ بند ٿي ويا، جڏهن ته 2 ڏينهن اڳ بجلي جي بريڪ ڊائون سبب پمپنگ اسٽيشن جون 2 پائيپ لائينون ڦاٽيون هيون. واٽر ڪارپوريشن موجب پائپ لائن ڦاٽڻ سبب ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پاڻي کوٽ جو خدشو آهي.










