ڊکڻ (ن س )ڊکڻ ويجهو شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ خوني تڪرار تان 2 سڳا ڀائر مارجي ويا، ڳوٺ ڳڙهي صاحب خان ويجهو شرن جي وانڍ ۾ ٽمو شر ۽ دودو شر جي ڌرين هڪ ٻئي تي فائرنگ ڪري ڏني،گوليون لڳڻ سبب دودو شر ڌر جا 2 سڳا ڀائر دودو شر ۽ وحيد شر مارجي ويا، پوليس ذريعن موجب ٻنهي ڌرين وچ ۾ سڱاوتي تڪرار تان ٽمو شر واري ڌر جو هڪ ڄڻو مزاري شر مارجي ويو هو،دودو شر واري ڌر علائقي مان لڏي وئي هئي، ٺاهه کانپوءِ دودو شر وارا علائقي ۾ واپس آيا ته ٻيهر ڇڪتاڻ وڌي وئي ۽ جهيڙو ٿيو، پوليس مارجي ويل ٻنهي ڀائرن جا لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا
