گهوٽڪي (ن س )ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي جي هدايتن تي ذخيره اندوزن ۽ منافعي خورن خلاف ڪارروائين جو سلسلو جاري، اسسٽنٽ ڪمشنر ڏهرڪي جو ڀاڻ ڊيلرن جي دوڪانن تي ڇاپو، 95 هزار روپيا ڏنڊ لاڳو. خبر موجب ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي آغا شير زمان جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر ڏهرڪي امتياز محسن من پسند اگهه تحت ڀاڻ وڪري بابت شڪايتن تي ڊيلرن بترا فرٽيلائزر، لعل چند، سريش ڪمار، سنجي ڪمار ۽ سريش فرٽيلائزر مٿان مجموعي طور 95 هزار روپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جو چوڻ آهي ته ڊپٽي ڪمشنر جي هدايتن تحت ڪارروائين جو سلسلو جاري رهندو، ڪنهن کي به ڀاڻ ذخيرو ڪرڻ يا بليڪ مارڪيٽنگ جي اجازت نه ڏبي
