ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ضلع سينٽرل ۾ گرلز ڊگري ڪاليج النور جي پرنسپال ۽ وائيس پرنسپال سميت چئن آفيسرن کي تعليمي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۾ دلچسپي نه وٺڻ ۽ ناڪامي تي معطل ڪري ڇڏيو آهي. هن اهڙو فيصلو گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج النور ضلعي سينٽرل جو دورو ڪرڻ کانپوءِ ڪيو جتي 26 سيپٽمبر تي تعليم واري صوبائي وزير رانا حسين ۽ سيڪريٽري ڪاليجز محترمه صدف انيس ملاقات ڪئي. وڏي وزير ضلعي سينٽرل جي گرلز ڪاليج جو اوچتو دورو ڪيو ۽ ڏٺائين نه ته ڪلاس صحيح نموني هلي رهيا آهن ۽ نه ئي ڪلاس رومز ۾ فرنيچر، ليب ۽ واش رومز جي حالت تسلي بخش آهي. هن ڏٺو ته نئون تعمير ٿيل آڊيٽوريم ۽ فنڪشنل هال بي ڌياني سبب ايترو ته گندو ۽ خراب ٿي چڪو هو جو ڇت جا چاپوڙا ڊهن پيا ۽ چوڌاري ڀتين تي مٽيءَ ڄميل ۽ رنگ ڦٽي رهيو هو. وڏي وزير ليبز جو دورو ڪيو پر هڪ به ليب ڪم ڪندي نه ڏيکاري وئي ۽ هن ڏٺو ته اتي رکيل سامان ٽٽل، بنا دروازن جي واش رومز ۽ خراب حالت هئي. وڏي وزير ڊي جي ڪاليج شاداب حسين کان پڇيو ته ڇا هن ڪڏهن سينٽرل ضلعي ۾ هڪ ايڪڙ زمين تي قائم گرلز ڪاليج جو دورو ڪيو آهي؟ جنهن تي ڊي جي انڪار ۾ جواب ڏنو ته وڏو وزير ڪاوڙجي ڇنڊ پٽيندي پڇيائين ته ڪو شاگرد اهڙي ڪاليج ۾ ڪيئن داخلا وٺندو جنهن ۾ واش روم جا دروازا ۽ استعمال لاءِ پاڻي نه هجي. وڏي وزير ڪاليج ۾ داخلا وٺندڙ شاگردن جي انگ بابت پڇيو ته پرنسپال محترمه زاهده بيگم ٻڌايو ته اهو انگ 300 آهي جڏهن ته وڏي وزير رجسٽرڊ ٿيل شاگردياڻين کي چيڪ ڪيو ته کين 390 انگ هو. وڏي وزير جي پڇا ڳاڇا تي معلوم ٿيو ته پرنسپال کي ٽيچنگ اسٽاف جي رجسٽرڊ تعداد بابت ڪا به ڄاڻ نه هئي جنهن لاءِ وائيس پرنسپال کي فون ڪيو ويو پر هوءَ به اسٽاف جي انگ بابت اڻڄاڻ نڪتو ۽ اڪثر اسٽاف موجود ئي نه هو. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته اسلاميات جي استاد عشرت العين گذريل هڪ سال کان ڊيوٽي نه ڪئي آهي جڏهن کيس ڪلاس وٺڻ ۽ ڊيوٽي تي حاضري لاءِ چيو ويندو آهي ته هوءَ پنهنجي ڀائرن کي فون ڪري پرنسپال سان بدتميزي لاءِ چوندو آهي. وڏو وزير ڪلاس ۾ ويو ۽ ڏٺائين ته 390 شاگردن مان رڳو 40 يا 50 شاگرد موجود هئا. وڏي وزير ڪلاس ۾ صرف انگريزي استاد کي پڙهندي ڏٺو ۽ سندس تدريسي جذبي جي واکاڻ ڪئي. ٻئي طرف سڀئي ڪلاس روم خالي هئا ۽ ايئن پئي لڳو ڄڻ ڪڏهن به استعمال نه ٿيا آهن. نگران وڏي وزير ٻڌايو ته هي ڊگري ڪاليج آهي پر انٽرميڊيٽ تائين تعليم ڏني وڃي ٿي. وڏي وزير ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪاليج کي ڊگري ڪاليج ڪيئن بڻايو ويو جڏهن ته ان ۾ بي اي ۽ بي ايس سي جا ڪورس ئي ناهن. وڏي وزير ڊائريڪٽر جنرل شاداب حسين گريڊ 20، ڪاليج جي پرنسپال زاهده بيگم گريڊ 20 ۽ وائيس پرنسپال گريڊ 19 کي غفلت، نااهلي ۽ غير لاڳاپيل صورتحال پيدا ڪرڻ تي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هن اسلامڪ اسٽڊي جي ليڪچرار عشرت العين کي پڻ ڊيوٽي نه ڪرڻ تي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. پارڪس: ضلع سينٽرل جي دوري دوران وڏي وزير ٻن پارڪن باغ سمان ۽ نوراني پارڪ جو دورو ڪيو جتي هفتيوار بازار لڳندو آهي. وڏي وزير باغ سمان جي حالت ڏسي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ان جي زمين خالي ڪرائي وئي آهي تنهن هوندي هتي ڪابه ترقي نه ٿي آهي. هن ميونسپل ڪمشنر ڪي ايم سي کي هدايت ڪئي ته پارڪ تيار ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ڊي سي سينٽرل فواد سومرو ايندڙ چئن مهينن ۾ نوراني پارڪ کي عوام لاءِ کولڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. هن چيو ته ضلع سينٽرل سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو ضلعو آهي ۽ ماڻهن وٽ ڪوبه راند جو ميدان يا پارڪ ناهي جتي هو پنهنجا ٻار گهمائي سگهن. هن ڊي سي کي هدايت ڪئي ته پارڪ کي تيار ڪري چئن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪئي وڃي. اسڪول: وڏي وزير ابوتراب گورنمينٽ سيڪنڊري اسڪول فار بوائز اينڊ گرلز جو دورو ڪيو پر اسڪول جو ڪوبه مالڪ نه هو. پهريان هي اسڪول ڪي ايم سي جي ملڪيت هئي پوءِ ان کي ڊي ايم سي سينٽرل ۽ هاڻي گلبرگ ٽائون ۾ منتقل ڪيو ويو، اتي ڪي ايم سي، ڊي ايم سي ۽ ٽائون جا آفيسر هئا پر انهن مان ڪوبه اسڪول جو مالڪ ناهي. عمارت ۾ ڪيترائي ڪلاس خالي هئڻ باوجود اسڪول ۾ ٻه ڪلاس هلي رهيا هئا. وڏي وزير هيڊ ماسترياڻي کان سبب پڇيو جنهن وٽ ڪوبه جواب نه هو. هيڊ ماستر وڏي وزير کي ٻڌايو ته اسڪول جي واٽر سپلاءِ بند ڪئي وئي آهي ۽ ڪلاس رومن کي صاف ڪرڻ لاءِ ٻهارو ڏيندڙ به ناهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته انگلش ميڊيم جي تعليم نه ڏيڻ سبب انرولمينٽ ۾ به وڏي گهٽتائي آئي آهي. نگران وڏي وزير سيڪريٽري بلديات منظور شيخ سان ڳالهايو ۽ کيس هدايت ڪئي ته اسڪول جا مسئلا حل ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. گورنمينٽ اسپتال لياقت آباد: سنڌ جي وڏي وزير وزيراعليٰ هائوس واپسي تي سنڌ گورنمينٽ اسپتال لياقت آباد جو دورو ڪيو جتي هن صفائي جي بهتر صورتحال ڏٺي. وڏي وزير پراڻن ڪورونا وارڊن جو دورو ڪيو جيڪي سامان ۽ اسٽريچر جي لحاظ کان بهتر ته هئا پر گذريل ٻن سالن کان بند پيل آهن. هن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اسپتال جي ايم ايس کي هدايت ڪئي ته وارڊ ٻين مريضن لاءِ استعمال ڪيا وڃن. وڏو وزير اسپتال جي ڪچن ۾ ويو جتي 100 مريضن لاءِ روزانو ٻه وقت جي ماني تيار ڪئي ويندي آهي. وڏي وزير باورچيخاني جي حالت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي انتظاميه کي هدايت ڪئي ته ان جي مرمت ڪري صاف رکيو وڃي. جسٽس باقر مريضن سان ملاقات ڪئي، مختلف او پي ڊيز ۽ ايمرجنسي وارڊن جو دورو ڪيو ۽ سندن دوائن جي اسٽورن جو پڻ معائنو ڪيو. دوري جي پڄاڻي تي وڏي وزير سيڪريٽري صحت ڊاڪٽر منظور رضوي کي هدايت ڪئي ته اسپتال جي داخلي دروازي کي وڏو ڪري صحيح طرح مرمت ڪئي وڃي ڇوته مريضن کي داخل ٿيڻ وقت ڏکائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.
