ڊي جي خان(ويب ڊيسڪ) تونسہ ۾ پوليس مقابلي دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا. پوليس موجب، پنجاب-خيبرپختونخوا سرحدي علائقي ۾ پوليس ۽ سي ٽي ڊي دهشتگردن سان جهڙپ ڪئي، جتي فورسز سان فائرنگ جي تبادلي ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا.پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز پنجاب پوليس ۽ سي ٽي ڊي کي مبارڪباد ڏني. مريم نواز چيو ته پنج دهشتگردن کي جهنم ۾ وجهڻ تي پنجاب پوليس ۽ سي ٽي ڊي تعريف جي لائق آهن، دهشتگردن جو تعاقب جاري رهندو ۽ دشمن جا ناپاڪ ارادا مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيا ويندا.ٻئي طرف، سي ٽي ڊي ۽ پوليس ڊي آءِ خان جي ڪلاچي علائقي ۾ به آپريشن ڪيو ۽ هڪ انتهائي گهربل دهشتگرد کي ماري ڇڏيو.سي ٽي ڊي موجب، آپريشن ڪلاچي تحصيل جي علائقي گارا گلداد ۾ ڪيو ويو، دهشتگرد بن يامين جي سر جي قيمت 4 ملين رپيا مقرر ڪئي وئي هئي.










