ڊيرا مراد جمالي ۾ ڪارنهن جو الزام ۾ ڪنوار سميت 2 قتل

ڪشمور(جي ايم کوسو) ڊيرامراد جمالي جي تعلقه تمبو جي ڳوٺ شاھنواز پرکاڻي ۾ جوابدار محمد قاسم پرکاڻي ۽ گل حسن پرکاڻي سان گڏجي پنھنجي ڪنواري ڀيڻ شاھ بيبي کي گھٽو ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو. جڏھن ته سندس مبينه چاھيندڙ جاويد سمالاڻي کي بندوق جا فائر ڪري کيس موقعي تي قتل ڪري جوابدار فرار ٿي ويا. منجھو شوري جي ٿاڻي جي پوليس موقعي تي پھچي لاش قبضي ۾ وٺي سول اسپتال ڊيرامرادجمالي منتقل ڪيا ويا. ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي ۽ نه ئي ڪيس داخل ٿي سگھيو.

پهنجو تبصرو موڪليو