ڊونلڊ ٽرمپ لاءِ نوبل انعام جي سفارش، وڏي غلطي آهي

ڊونلڊ ٽرمپ لاءِ نوبل انعام جي سفارش، وڏي غلطي آهي

لاهور: (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي پاڪستان جي نائب امير لياقت بلوچ چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ حڪومت پاران آمريڪي صدر ٽرمپ کي نوبل انعام ڏيڻ جي سفارش ڪرڻ هڪ وڏي غلطي آهي.پنهنجي بيان ۾ لياقت بلوچ چيو ته آرمي چيف جي ٽرمپ سان ملاقات هڪ غلط وقت تي ٿيل واقعو آهي، ۽ ڀت تي لکيل ماضي جي عالمي سفارتي غلطيون آهن.هن چيو ته آءِ ايم ايف جي سخت شرطن تي پارليامينٽ ۾ قومي بجيٽ پيش ڪرڻ هڪ بيڪار مشق آهي، ۽ زراعت جي ترقي لاءِ بجلي، گئس ۽ تيل سستا ڪرڻ گهرجن.جماعت اسلامي جي نائب امير وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ سياسي بحران نوان خطرا پيدا ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو