ڊونلڊ ٽرمپ خلاف فوجداري جاچ جي نگراني لاءِ خاص صلاحڪار مقرر

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي انصاف واري کاتي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف فوجداري جاچ جي نگراني لاءِ خاص صلاحڪار مقرر ڪري ڇڏيو آهي.اڳوڻي جنگي ڏوهن جي جاچ ڪندڙ جڪ سمٿ کي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف فوجداري جاچ جي نگراني لاءِ خاص پراسيڪيوٽر مقرر ڪيو ويو آهي.نئين ذميواري ملڻ تي جيڪ سمٿ چيو ته هو جاچ کي جلد اڳتي وڌائيندو ۽ آزادانه فيصلا ڪندو.ٻئي طرف اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جيڪ سمٿ جي اسپيشل پراسيڪيوٽر مقرري تي احتجاج ڪندي اسپيشل پراسيڪيوٽر جي مقرري کي سياسي ۽ غير منصفاڻو قرار ڏنو آهي.اڳوڻي جنگي ڏوهن جي جاچ ڪندڙ جڪ سمٿ کي فوجداري جاچ جي نگراني لاءِ مقرر ڪرڻ تي ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته اهو ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ناهي.وائيٽ هائوس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته بائيڊن انتظاميه انصاف جي نظام تي سياست نه ڪندي، صدر بائيڊن ۽ اسان کي اسپيشل پراسيڪيوٽر جي مقرري جي ڪا به خبر نه هئي ۽ نه ئي اسان ڪو اڳواٽ اطلاع موڪليو هو.واضح رهي ته اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 2024ع جي صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪيو هو .

پهنجو تبصرو موڪليو