ڊليوري دوران عورت فوت، ڊاڪٽرياڻي تي غفلت جو الزام

مانجهند(مهراڻ عمراڻي) انڙپو رورل هيلٿ سينٽر ۾  30 ورهين جي عورت ميرزادي زال حمزو ڦرياڻي کوسو ڊليوري کان پوءِ تمام گهڻو رت اچڻ جي نتيجي ۾   بي هوش ٿي وئي جنهن کي ڊاڪٽرياڻي 6 ڪلاڪن کان پو۽ ڳڻتي جوڳي حالت سبب  سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو، جتي ڊاڪٽرياڻين  طرفان ڏسيل 16 بوتلون رت جو انتظام جلد نه ٿيڻ سبب عورت فوت ٿي وئي. جڏهن ته چاول ٻار جي صحت بهتر ٻڌائي پئي وڃي هوڏانهن فوتڻ جي مڙس سخت احتجاج ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽرياڻي ٿڏي تي ريفر ڪري ها ته جان بڇي سگهي پئي. جڏهن سينٽر ۾ رت لڳائڻ جي سهولت ئي ناهي ته پوءِ 6 ڪلاڪ ڇو انتظار ڪرايو ويو. هن چيو ته لاپراهي ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ عدالت سان رجوع ڪندس.

پهنجو تبصرو موڪليو