ڊرينيج ڊسپوزل ناڪاره ٿيڻ سبب عوام سخت پريشان

مورو( مورائي اياز سولنگي) مورو ڀرسان ڳوٺ مڪراري ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي طرفان ڊرينيج لاء ٺهيل ڊسپوزل ڪجھ عرصي کان ناڪاره بڻيل آھي هتي ڪم ڪندڙ ملازم پڻ غائب آھن جنهن ڪري هتي مشينري سميت آفيس ويران بڻيل آھي نيڪال جو سسٽم پڻ ختم ٿيل آھي جنهن ڪري ڳوٺ جي نالين جو نيڪال نه ٿيڻ ڪري سڄي ڳوٺ ۾ گندو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيٺل آھي گهٽين رستن تي پاڻي موجود آھي جنهن ڪري ڳوٺاڻا سخت مشڪلات ۾ آھن اڄ وڃ جا رستا بند ٿي ويا آھن گندي پاڻي ۽ گندگي جي ڪري سڄو ڳوٺ بدبوءِ دار ٿي ويو آھي جنهن ڪري مختلف بيمارين جنم ورتو آھي ڳوٺاڻن اهڙي شڪايت پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي آفيسرن مورو ۽ ضلع انتظاميا کي شڪايتون ۽ درخواستن ڪيون آهن پر ڪوبه تدارڪ نه ٿي رهيو آھي ڪروڙين روپين جي لاڳت سان ٺهيل ڊرينيج جي اسڪيم ناڪارا بڻيل آھي جڏهن ته برساتن جو پاڻي پڻ ڳوٺ ۾ بيٺل آھي اهو به نيڪال نه ٿي رهيو آھي گٽرن ۽ برسات جو پاڻي ملي وڃڻ ڪري ڳوٺاڻا وڌيڪ مشڪلات ۾ اچي ويا آھن هنن جو ڪوبه تدارڪ ڪرڻ وارو ناهي ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن خادم زرداري,نديم زرداري,اڪبر زرداري, خالد زرداري,عمران زرداري ۽ ٻين ميڊيا سان وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ, پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي صوبائي سيڪريٽري  ۽ اعلى اختيارين کان گهر ڪئي آھي ته ڳوٺ مڪراري ۾ ڊرينيج جي نيڪال لاءِ ٺھيل ڊسپوزل هلرايا وڃن غائب ٿيل ملازمن کي ڊيوٽي جو پابند بڻايو وڃي ۽ ڳوٺ مان پاڻي جو نيڪال ڪرائي مشڪلاتن ۽ بيمارين کان بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو