ڊرائيور کي سريو ٽپائيندڙ انساني حقن بابت فوڪل پرسن مقرر

ڊرائيور کي سريو ٽپائيندڙ انساني حقن بابت فوڪل پرسن مقرر

جروار(محبت علي) انساني حقن واري وزير شيري مزاري افتخار احمد لنڊ کي سنڏ لاءِ انساني حقن بابت فوڪل پرسن مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ڪجهه وقت اڳ پنهنجي ڊرائيور جي ويهڪ واري جاءِ م سريو وجهي کيس رتورت ڪندڙ افتخار خان لنڊ سنڏ ۾ ٿيندڙ انساني حقن بابت وزير جي معاونت ڪندو.

سياسي ۽ سماجي ڌرين سندس مقرري تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته انسانيت سوز سلوڪ ڪندڙ شخص کي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي نشاندهي جو ڪم ڏيڻ سان موجوده حڪومت جي انساني حقن بابت سنجيدگي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ۽ اها شرم جهڙي ڳالهه آهي.

نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هو مفت ۾ ڪم ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو