ڊاڪٽر ڳوٺاڻي کي ڌڪا ڏئي اسپتال مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو

صوڀوديرو(مظهر علي منڱڻيجو) ڳوٺ خليفو هرياھ جي اسپتال انچارج ڊاڪٽر محمد جمن سهتو خلاف ڳوٺاڻي امير علي ڀاڳت احتجاج ڪندي صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته مان پنهنجا بيمار معصوم ٻارڙا علاج لاءِ ڳوٺ خليفو هرياھ جي سرڪاري اسپتال کڻي ويس جتي اسپتال جي انچارج ڊاڪٽر محمد جمن سهتو مون سان بد اخلاقي ڪندي اسپتال مان ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. هن وڌيڪ چيو ته مان مزدور ۽ غريب پورهيت آهيان روز مزدوري ڪري پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ پاليندو  آهيان، مون وٽ ايترا پئسا ناهن جو پنهنجن ٻچڙن جو ٻاھران علاج ڪرائي سگهان. هن وس وارن آفيسرن کي اپيل ڪندي چيو ته ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي ڪري مونکي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو