ڊاڪٽرن جو جهيڙو، ڪمشنر نوشهرو فيروز جي اسپتال پهچي ويو

نوشهروفيروز(مشتاق حسين مري) ڪمشنر شهيد بينظير آباد ڊاڪٽر سيد محسن علي شاهه نوشهروفيروز سول اسپتال جو دورو ڪيو مختلف وارڊن جي دوري بعد سول اسپتال جي مسئلن بابت ايم ايس ڊاڪٽر عبدالله تنيو کان بريفنگ ورتي جنهن کيس ٻڌايو ته سول اسپتال ۾ هن وقت اها ڏکيائي آهي ته بجلي جي لوڊشيڊنگ کان پوء اسپتال جو سمورو ڪارونهوار ٺپ ٿي وڃي ٿو ۽ مريضن کي سهولتون ڏيندڙ مشينري بيڪار ٿي وڃي ٿي جڏهن ته ايم ايس پاران اهو پڻ مطالبو ڪيو ويو ته هيوي جنريٽر ملڻ سان اهي سڀ مسئلا ختم ٿي سگهن ٿا ۽ ڊجيٽل ايڪسري , ڊجيٽل الٽرا سائونڊ مشين , ليبارٽري لاء اڪيوپمينٽس جي ضرورت آهي جنهن تي ڪمشنر ڊاڪٽر محسن شاه چيو ته مان پوري ڪوشش ڪندس ته جنريٽر سميت جيڪي به ضرورتون آهن پوريون ڪرايان هن ڊي ايڇ او آفيس تي ٿيل حملي تي هلندڙ ٻنهي ڌرين جي احتجاجن تي افسوس جو اظهار ڪندي ٻنهي ڌرين کي تاڪيد ڪيو ته هو اهڙن احتجاجن کان پاسو ڪري کير کنڊ ٿي وڃن ڇو ته احتجاج ڪرڻ پڙهيل لکيل ماڻهن جو ڪم ناهي ٻئي طرف مٺياڻي روڊ تي بيٺل گندي پاڻي بابت هن چيو ته ڪجهه ڏينهن ۾ خيرپور ضلعي مان مشينري گهرائي گندي پاڻي وارو مسئلو حل ڪرائي وٺنداسين ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز بلال شاهد رائو، ڊي ايڇ او نوشهروفيروز ڊاڪٽر مظهر ڪلهوڙو، ايم پي اي شهناز انصاري ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو