ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستاني رپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر 2 رپيا 19 پئسا سستو ٿي ويو جڏهن ته اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت ڪاروباري رجحان جاري آهي.ڪاروباري ڏينهن جي شروعات کان وٺي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي ۽ ڊالر 2 رپيا 19 پئسا سستو ٿي 221 رپيا 75 پئسا ٿي ويو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت ڪاروباري رجحان ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي ۽ 100 انڊيڪس 151 پوائنٽس جي واڌ سان 41762 تي واپار ڪري رهيو آهي.










