ڊالر اڄ مهانگو،اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مليل جليل رجحان

ڊالر اڄ مهانگو،اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مليل جليل رجحان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ واڌ ۽ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي جو سلسلو اڄ به جاري آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 41 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 287 رپيا 50 پئسا ٿي ويو.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 287 رپيا 9 پئسا تي بند ٿيو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ مثبت ڪاروباري رجحان ڏٺو ويو جيڪو بعد ۾ مخلوط رجحان ۾ تبديل ٿي ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 17 پوائنٽن جي واڌ سان 39 هزار 853 تي پهچي ويو.ڪالهه 100 انڊيڪس 39,835 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو