ڊالرجي اڏام جاري،اسٽاڪ مارڪيٽ،4 سيڪنڊن ۾ 14 ملين جا شيئروڪرو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ ايم ايف سان معاهدي بعد ڊالر جي ملهه ۾ واڌ ۽ روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي. اوپن مارڪيٽ م ڊالر 151.87 روپين ۾ وڪامڻ لڳو. ماهرن جو چوڻ آهي ته ڊالر جي اڏام ۾ اڃا اضافو ممڪن آهي. ٻئي پاسي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مسلسل ٽئين ڏينهن به ٻاڙائي رهي ۽ عوام جا اربين روپيا ٻڏي ويا آهن. ڪراچي ۾ ٽاپ لائن سيڪورٽيز جي ڊائريڪٽر ريسرچ صدام حسين جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدي بعد حڪومت جا هٿ ڪٽجي ويا آهن ۽ اسٽيٽ بئنڪ ڪجهه نٿي ڪري سگهي ڇو ته اهو طئي ڪيو ويو آهي ته ڊالر جي قيمت جو تعين فري مارڪيٽ ڪندو. هن ٻڌايو ته اسٽاڪ ماڪيٽ ۾ سرمائيڪار ٻڏ تر جو شڪار آهن ۽ جمع تي 4 سيڪنڊن م 14 ملين ڊالر جا پرڏيهي سيڙپڪارن شيئر وڪڻي ڇڏيا. هن ٻڌايو ته سومر تي اسٽيٽ بئنڪ پاليسي ريٽ به وڌائي رهي آهي ۽ ان جو به اثر ٿيندو. هوڏانهن حڪومت جو چوڻ آهي ته پرڏيهه ويندڙن کي 10 هزار ڊالر روڪ ٻاهر کڻي وڃڻ جي حد 3 هزار ڊالر ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. پاڪستان جي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا به گهٽجي ويا آهن ۽ ٽن مهينن کان به گهٽ درآمدي بل جيترا بچيا آهن. پاڪستان کي مختلف ملڪن مان ملڪ بدر ڪيل لکين شهرين سبب ملندڙ رفارين رميٽنسز ۾ به گهٽتائي ٿي آهي. ڇو ته پاڪستان کي ايڪسپورٽ کان وڌيڪ رقم پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني موڪليندا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو