ڊار سڀاڻي برطانيه جي دوري لاءِ روانو ٿيندو، اهم ملاقاتون طئي

ڊار سڀاڻي برطانيه جي دوري لاءِ روانو ٿيندو، اهم ملاقاتون طئي

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 17 کان 19 آگسٽ 2025 تائين برطانيه جي سرڪاري دوري لاءِ روانو ٿيندو.پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته لنڊن ۾ نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير جون ملاقاتون برطانيه جي نائب وزيراعظم اينجلا رينر، پاڪستان جي لاءِ پارلياماني انڊر سيڪريٽري آف اسٽيٽ هيمش فالڪنر سان ٿينديون، انهي کان علاوه اسحاق ڊار جي دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل شرلي آيورڪر بوچوي سان به ملاقات طئي ٿيل آهي. اسحاق ڊار لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ۾ پنجاب لينڊ اٿارٽي جي منصوبي جو افتتاح به ڪندو. اهو منصوبو اوورسيز پاڪستانين جي پاڪستان ۾ زمينن بابت دستاويزي مسئلن کي ختم ڪرڻ واري حل ۾ مدد ڏيندو. هوڏانهن نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير برطانوي پارليامينٽ ميمبر، ڪشميري اڳواڻن ۽ برطانوي، پاڪستاني ڪميونٽي جي نمائندن سان به ملاقات ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو