ڇتي ڪتي معصوم ٻارڙي جو منهن پٽي ڇڏيو،اسپتال داخل

مدئجي (ن س )مدئجي ڀرسان ڇتي ڪتي معصوم ٻارڙي جو منهن پٽي ڇڏيو، کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي،ڳاهيجا ۾ ڇتي ڪتي 7 سالن جي بخت علي مٿان حملو ڪيو، ڪتي ٻار جو منهن ۽ ڪن پٽي ڇڏيا، مدئجي اسپتال ۾ سهولتون نه هئڻ ۽ علاج نه ٿيڻ تي زخمي ٻار جي پيءُ پاران جهولي جهلي ڊاڪٽرن کي پٽون ۽ پاراتا ڏنا ويا،زخمي ٻار جي پيءُ جميل ڳاهيجو جو چوڻ هو ته اسپتال ۾ ڊاڪٽر نه پر ظالم ڀرتي ٿيل آهن، ايمبولينس به نه ڏني وئي، پٽ کي ڪجھه ٿيو ته ذميوار اسپتال انتظاميا هوندي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو