چٽاڀيٽي جي امتحان ۾ شاگردياڻين ميدان ماري ورتو

پکو(عبدالوحيد ميئو) ديدڙ ھاءِ اسڪول ۾ شاگردن کان سالياني لکت واري مڊٽرم ۽ چٽا ڀيٽي ٽيسٽ ورتي وئي جنھن ۾ ڇھين جماعت کان ڏھين جماعت تائين جي شاگردن شرڪت ڪئي , لکت واري ٽيسٽ ۾ شاگردن کي مختلف شعبن سائنس، رياضي، ڪيميسٽري، انگريزي، سنڌي، اسلاميات ۽ ذھني سوال ڏنا ويا. ان بعد ٽيسٽ ۾ پوزيشن کڻندڙ شاگردن ۾ انعام تقسيم ڪرڻ واري تقريب منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ سينيئر استادن ھيڊ ماستر عبدالرحيم مغيري، محمد بچل سولنگي،  صفدر ابڙو، غلام علي مغيري، پيارعلي چانڊيو، شاھد حسين ڀٽي، امان الله ميڪڻ، سيد تعارف شاھ شريڪ ٿيا. پوزيشن ھولڊر شاگردن ۾ پھرئين پوزيشن ڇھين ڪلاس  جي نيھا، سميه، طارق ميڪڻ، ستين ڪلاس جي اريشا ميڪڻ، شائسته، اٺين ڪلاس جي آست سيال، محمد مراد، نائين ڪلاس جي ثريا ميئو، ماھي خان ۽ ڏھين ڪلاس جي اقصه، فول ورک ۽ نويد ميئو حاصل ڪري ورتي جڏھن ته ٻئي ۽ ٽئين نمبر پوزيشن ۾ شاگردن اويس، مدثر، يوسف ڀٽي ماڻي انعام حاصل ڪيا ڪامياب شاگردن ۾ اسڪول جي ھيڊ ماستر عبدالرحيم مغيري يونيفارم، ڪتاب، ميڊل ڏنا. تقريب کي خطاب ڪندي اسڪول جي استادن چيو ته ٻارڙن ۾ شعوري سگھ ۽ تعليم جي بھتري لاءِ مختلف طريقن سان ھر چئن مھينن ۾ چٽاڀيٽي ۽ لکت جا امتحان ورتا وڃن جنھن سان نه صرف ٻارڙن ۾ شعوري اوسر ايندي پر ڄاڻ ۾ پڻ اضافو ايندو ان ڪري اسان اسڪول ۾ ھر چئن مھينن ۾ ھيٺين سطح جي ڪلاسن کان وٺي اپر ڪلاسن تائين شاگردن ۾ مختلف موضوعن تي چٽاڀيٽي جو سلسلو شروع ڪيو آھي جنھن مان شاگردن کي سٺو لاڀ ملي رھيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو