چين پاران دفاعي بجيٽ ۾ 7.2 سيڪڙو واڌ جو اعلان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)چين هن سال لاءِ اقتصادي ترقي جو هدف 5 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ مقرر ڪيو آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب چيني وزيراعظم اقتصادي ترقي جي هدف جو اعلان سالياني نيشنل پيپلز ڪانگريس جي موقعي تي ڪيو.اقتصادي ترقي جو هدف 5 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ ڏهاڪن ۾ سڀ کان گهٽ هدف آهي.چين پنهنجي دفاعي بجيٽ ۾ 7.2 سيڪڙو واڌ ڪري 225 ارب ڊالر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.چين هن سال اٽڪل 12 ملين نيون نوڪريون پيدا ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو ته جيئن شهري بيروزگاري جي شرح کي 5.5 سيڪڙو تائين پهچايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو