اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيني شهرين جي حفاظت لاءِ فول پروف قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي.محسن نقوي جي صدارت هيٺ چيني شهرين جي سيڪيورٽي انتظامن بابت اجلاس ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري خرم آغا ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ پرڏيهين خاص ڪري چيني شهرين جي سيڪيورٽي قدمن جو جائزو ورتو ويو.محسن نقوي چيو ته پرڏيهين خاص ڪري چيني شهرين جو تحفظ اولين ذميواري آهي، چيني شهرين جي تحفظ لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي.هن چيو ته دشمن پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي نٿا چاهين، هو شرپسند عناصر جي ناپاڪ مقصدن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا.










