چيني انجنيئرن تي حملي جي ٻئي رپورٽ وفاق حوالي

بشام (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه پوليس بشام ۾ چيني انجنيئرن تي حملي بابت ٻي رپورٽ وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏي آهي.ڪي پي پوليس جي رپورٽ موجب ابتدائي جاچ جي بنياد تي لڳي رهيو آهي ته چيني شهرين کي کڻي ويندڙ گاڏي بلٽ پروف ۽ بم پروف نه هئي، جڏهن ته مارجي ويل چيني شهرين ۾ هڪ ليڊي انجنيئر به شامل آهي.رپورٽ موجب واقعي واري هنڌ جي فضائي تصوير به حاصل ڪئي وئي آهي، بشام پوليس اسٽيشن 6 ڪلوميٽر جڏهن ته داسو ڊيم ڏوهن واري هنڌ کان 77 ڪلوميٽر پري آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته تباهه ٿيل بس ٻي بس کان 15 فوٽ پري هئي ۽ آپگهاتي ڌماڪي سان بس 300 فوٽ اونهي ۾ ڪري پئي.رپورٽ موجب چيبي قافلي ۾ شامل سمورين بسن ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳايون ويون آهن، آپگهاتي بمبار پاران استعمال ڪيل گاڏي جا ٽڪرا هٿ ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو