چيف سان باڪسر عامر ۽ شاهزيب رند جي ملاقات

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان پاڪستاني نزاد برطانوي باڪسر عامر خان ۽ پاڪستاني مارشل آرٽ فائٽر شاهزيب رند جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي موجب جي ايڇ ڪيو ۾ ٿيل ملاقات ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير راندين جي شعبي ۾ ٻنهي جي صلاحيتن کي ساراهيو.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ملاقات ۾ پاڪستاني نوجوانن جي صلاحيتن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو