راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر نائب صدر شير افضل مروت چيو آهي ته پي ٽي آءِ سمجهي ٿي موجودا چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هوندي انصاف نه ٿو ملي سگهي. اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت چيو ته تحريڪ انصاف چيف جسٽس جي رويي جي مذمت ڪري ٿي، اوهان ( چيف جسٽس) کي ڪو حق ناهي پي ٽي آءِ يا سندس وڪيلن جي تذليل ڪريو، اسان چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي بي اعتماد جو اعلان ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اڄ قانوني ٽيم پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪري سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي ڳالهه ٻول ڪئي پر چيف جسٽس جو تحريڪ انصاف جي وڪيلن سان رويو توهين جوڳو آهي، هو سمجهي ٿو ته ملڪ ۾ امن امان آهي. شير افضل مروت چيو ته پي ٽي آءِ جي ٻارنهن سئو اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيا پر اسان جي ڪيسز کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ عمير نيازي کي توهينِ عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو پر آر اوز جي ڪنڊڪٽ تي نوٽيس نه ورتو ويو. هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ مان اڄ تائين اسان کي ڪو رليف ناهي مليو پر سائفر ڪيس ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي ضمانت ٻي بئنچ مان ملي آهي، پي ٽي آءِ باني جي ضمانت اسان تي ٿورو نه اسان جو حق آهي.
سنڌيار ڪراچي 27 جولاءِ 2024ع
سنڌيار سکر 27 جولاءِ 2024ع
ياد مخلص ماڻھوءَ جي
ڌرڻي جي رستا روڪ، سوين ڪارڪن گرفتار، ٽن هنڌن تي ڌرڻو جاري
ٻوڏ متاثرن لاءِ 3 هزار 100 گهرن جي تعمير جو ڪم مڪمل
صدر ٻن ايڊهاڪ ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي
ڪي پي ۾ ڪو به آپريشن نه ٿيندو، پنهنجا فيصلا پاڻ ڪنداسين
حڪومت طرفان جماعت اسلامي کي ڳالهين جي آڇ
عنبرين جان وفاقي سيڪريٽري اطلاعات و نشريات مقرر
چين ۽ سعودي عرب کان 9 ارب ڊالر قرض رول اوور ڪرڻ جو امڪان
پاڪستان لاءِ 40 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري
عورتن جي مخصوص سيٽن لاءِ پي ٽي آءِ لسٽ جمع ڪرائي ڇڏي
ڌرڻي کان روڪيو ويو ته امن خراب ٿيندو: حافظ نعيم
اڊيالا جيل ۾ ويٺل قيدي جو مشن ڌرڻن ذريعي اقتدار حاصل ڪرڻ آهي
اڪبر بگٽي خاندان ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي
ڪوٽ غلام محمد ۾ هٿياربندن جي ڪاهه، چاچو ۽ ڀائٽيو مارجي ويا
سن ڀرسان حادثي ۾ 3 ڄڻا فوت، 20 کان وڌيڪ زخمي
نوجوان ڦر دوران مزاحمت تي قتل
بنگلاديش سيريز، سينئر رانديگرن کي ڊارپ ڪرڻ جو فيصلو
پي ٽي آءِ کي سومر تي احتجاج جي اجازت، عدالت جو حڪم