سرڪار آئيني تقاضا پوري ڪريو، مان به رتٽائر پيو ٿيان؟

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي سربراهه جسٽس (ر) سردار رضا خان نئين چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ سيڪريٽري پارلياماني مامرن کي خط لکي ڇڏيو. پارلياماني مامرن جي ذريعن مطابق چيف اليڪشن ڪمشنر سيڪريٽري پارلياماني مامرن جي نالي خط لکيو آهي ته حڪومت نئين چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ قدم کڻي. واضح رهي ته جسٽس (ر) سردار رضا 6 ڊسمبر 2014 تي چيف اليڪشن ڪمشنر جو عهدو سنڀاليو هو ان جو مدو 5 ڊسمبر 2019 تي پورو ٿي رهيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين چيف اليڪشن ڪمشنر وقت تي مقرر نه ٿيڻ جي صورت ۾ 6 ڊسمبر تي اليڪشن ڪميشن غير فعال ٿي ويندو ڇاڪاڻ ته ڪميشن جا سنڌ ۽ بلوچستان کان به 2 ميمبر پهرين ئي ريٽائر ٿي چڪا آهن. اليڪشن ڪميشن، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ 2 ميمبرن جي عدم موجودگي ۾ ڪو به فيصلو نه ٿي سگهندو. اليڪشن ڪميشن ضمني اليڪشن ۽ بلدياتي چونڊون به نه ڪرائي سگهندي ۽ ان جو انتخابي فهرستن وارو معاملو به متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. قانون مطابق اليڪشن ڪميشن 3 ميمبرن سان گڏ فعال رهي سگهي ٿو جڏهن ته آئيني اداري اليڪشن ڪميشن جو چيف اليڪشن ڪمشنر سميت سڀني ميمبرن جي تعداد 5 آهي. آئين تحت چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبر ان جي مقرري لاءِ وزيراعظم ۽ قومي اسمبلي ۾ قائد حزب اختلاف جي گڏيل مشوري سان 3 نالا پارليماني ڪميٽي کي موڪليا ويندا آهن ۽ اليڪشن ڪمشنر جو عهدو خالي ٿيڻ تي 45 ڏينهن اندر مڪمل ٿيڻ گهرجي. ياد رهي ته ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي ميمبرن جي مقرري هن مهل تائين حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ معاملا حل نه ٿيڻ ڪري نه ٿي سگهي آهي. صدر عارف علوي مذڪوره خالي سيٽن تي سنڌ مان خالد محمود صديقي ۽ بلوچستان مان منير احمد ڪاڪڙ کي مقرر ڪيو هو پر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ان کي رد ڪري ڇڏيو ۽ چيئرمين سينيٽ ۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي کي هدايت ڪئي ته هو وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر سان رابطو ڪن. اليڪشن ڪميشن 2 ريٽائرڊ ميمبرن جا عهدا ڀرڻ لاءِ وزارت پارلياماني مامرن کي 4 ڀيرا خط لکي چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو