چونڊ شيڊيول پڌرو،پولنگ 8 فيبروري تي ٿيندي،اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن 2024ع جي عام چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي.اليڪشن ڪميشن موجب عام چونڊن لاءِ پولنگ 8 فيبروري 2024ع تي ٿيندي. شيڊول موجب اميدوار 20 کان 22 ڊسمبر تائين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهندا ۽ 24 ڊسمبر کان 30 ڊسمبر تائين نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويندي.شيڊول تحت نامزدگي ڪاغذن جي رد يا رد ٿيڻ خلاف اپيلون داخل ڪرڻ جي آخري تاريخ 3 جنوري 2024 آهي جڏهن ته اپيلن تي اپيليٽ اٿارٽي جي فيصلن جو آخري ڏينهن 10 جنوري 2024 هوندو.اليڪشن شيڊول موجب اميدوارن جي حتمي فهرست 11 جنوري تي جاري ڪئي ويندي ۽ نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ جي آخري تاريخ 12 جنوري 2024 هوندي. اميدوارن کي چونڊ نشان 13 جنوري تي جاري ڪيا ويندا ۽ پولنگ 8 فيبروري تي ٿيندي.ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن آر اوز ۽ ڊي آر اوز جي ٽريننگ بحال ڪري ڇڏي ۽ اهو فيصلو سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ ڪيو ويو.اليڪشن ڪميشن موجب رٽرننگ آفيسرن جي ٽريننگ 17 ۽ 18 ڊسمبر تي ٿيندي، جڏهن ته ضلعي رٽرننگ آفيسرن جي ٽريننگ 19 ڊسمبر تي ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو