چونڊڪو واسڻ پريا به مسلمان ٿي مراد چاڪراڻي سان شادي ڪري ڇڏي

ڏهرڪي(ن س) هڪ ٻئي هندو ناري پريمي سان ڀڄي ڀرچونڊي درگاهه تي پهچي ميان مٺو وٽ مسلمان ٿي ٽيڪسي ڊرائيور سان شادي ڪري ڇڏي. چونڊڪو جي رهواسڻ ناري پريا ڌيءُ اشوڪ مهراج اسلام قبول ڪري نوجوان مراد علي چاڪراڻي سان پسند جي شادي ڪري ڇڏي آهي. ناري کي ميان مٺو مسلمان ڪيو ۽ نڪاح پڙهايو، سندس نئون نالو عائشه رکيو ويو آهي. نوجوان ٽئڪسي ڊائيور آهي، جڏهن ته ناري جي وارثن جي اطلاع تي پوليس ناري جي بازيابي لاءِ چاڪراڻي جي ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي، پر پوليس کي نوجوان ۽ ناري نه مليا. اهڙي واقعي جي ڄاڻ ملڻ کانپوءِ چونڊڪو شهر ۾ هندو برادري طرفان ڪاروبار بند ڪيو ويو آهي ۽ ناري جي وارثن ڏانهن هندو برادري جي اڳواڻن رابطو ڪيو آهي ۽ برادري سطح تي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو