چونڊيل نمائندن ۽ آفيسرن جي ڪرپشن سبب راندين جا ميدان اجڙي ويا

ملير(رپورٽ درياخان شر) ڪروڙين رپين جي لاڳت سان تيار ڪيل 20  کان وڌيڪ راندين جا ميدان ابراهيم حيدري، ريڙهي، جمع حمايتي ڳوٺ، ميمڻ ڳوٺ، ڪوهي ڳوٺ، پپري، ڊملوٽي، ڪاٺوڙ، درساڻو ڇنو سميت ٻيا انتظاميا جي عدم دلچسپي ۽  بي ڌياني سبب اجڙي ويا آهن. راندين جي ميدان جي مينٽيٽنس ۽ اپ گريڊ ڪرڻ لاء ملندڙ سالياني فنڊ ھڙپ، راندين جي ميدانن جون چار ديواري ، باٿ روم، ڪينٽين، ڪلب روم ۽ ٻيون اڏاوتي سهولتون تباھ ٿي ويون آهن. ڄاڻايل ميدانن تي رانديون ۽ مقابلا نه هجڻ برابر آهن. رڪارڊ  ۾ موجود ڪروڙين رپين جي سهولتن مان گراسي، لائيٽون ۽ ٻيون سهولتون نظر نه آيون. ان سلسلي ۾ نوجوان رانديگرن وحيد مراد حمايتي، شڪيل حمايتي، حضور بخش، غلام اڪبر ۽ ٻين ٻڌايو ته ڄاڻايل راند جي ميدان ۾ گراسي ۽ لائيٽون لڳل هيون ۽ هتي رات ڏينهن ميچون ٿينديون هيون پر اوچتو ڏسندي ئي ڏسندي لائيٽون چوري ٿي ويون ۽ گراسي ختم ٿي وئي، جنهن جي مرمت لاءِ سالياني ھڪ ڪڙوڙ  رپيا منظور ڪيا ويا پر انهن پيسن مان هڪ رپيو به خرچ نه ڪيو ويو. هنن چيو ته حڪومتي ادارن ۽ چونڊيل نمائندن ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي. نوجوانن کي راندين کان محروم ڪندڙن خلاف جاچ ڪري ذميوران کي سزا ڏني وڃي ۽ فوري طور راندين جي ميدانن جون سھولت بحال ڪيون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو