چونڊون وقت تي ٿينديون، اقتدار ۾ اچي پگهارون ٻيڻيون ڪنداسين

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪير به پگهار تي گذارو نٿو ڪري سگهي، اقتدار ۾ اچي پگهارون ٻيڻيون ڪنداسين، جڏهن ته چونڊون وقت تي ٿينديون. لاهور جي تڪ اين اي 127 ۾ خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ مون کي خوشي ٿي رهي آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو جنم ڏينهن لاهور ۾ ملهايو، شهيد بينظير ڀٽو توهان جي نمائندگي ڪئي آهي، هڪ سياسي جماعت آهي، جيڪا توهان جي نمائندگي ڪري رهي آهي، منهنجا سفير بڻجي گهر گهر پهچو ۽ منهنجي 10 واعدن بابت عوام کي ٻڌايو.هن چيو ته اسان 300 يونٽن تائين مفت بجلي فراهم ڪنداسين، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان عوام جي مالي مدد ڪري رهيا آهيون، پ پ واحد جماعت آهي، جنهن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام آندو، اسان مزدورن کي به بينظير ڪارڊ ڏينداسين، هارين ۽ نوجوانن لاءِ به ڪارڊ آڻينداسين. سندس چوڻ هو ته مان نفرت ۽ گار گند جي سياست تي يقين نٿو رکان، اهڙي سياست کي دفن ڪرڻ چاهيان ٿو، چونڊون وقت تي ٿينديون ۽ فتح پ پ جي ٿيندي، مان توهان جي مدد ڪرڻ چاهيان ٿو، مفت علاج لاءِ اسپتالون ۽ مفت تعليم لاءِ ادارا ٺاهڻ چاهيان ٿو، اقتدار ۾ اچي پگهارون ٻيڻيون ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو