اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ عام چونڊون مقرر وقت تي ڪرائڻ لاءِ سينيٽ ۾ ٺهراءُ ا جمع ڪرايو ويو آهي. جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد ٺهراءُ سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته چونڊون ڪرائڻ آئيني گهرج آهي، مقرر وقت تي چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن ۽ نگران حڪومت جي ذميواري آهي. ٺهراءُ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو اچي چڪو آهي ۽ اٺ فيبروري تي ملڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ مقرر ٿي چڪي آهي. ٺهراءُ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سينيٽ مان چونڊون ملتوي ڪرائڻ جا ٺهراءَ منظور ڪرايا ويا، ٺهراءُ غير آئيني ۽ غير جهموري آهي، سينيٽ کي آئين جي خلاف قدم کڻڻ جو اختيار نه آهي. ٺهراءُ ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته اٺ فيبروري تي صاف شفاف اليڪشن ڪرائي وڃي ۽ سمورين پارٽين کي ليول پليئنگ فيلڊ ڏني وڃي ۽ سينيٽ مان اليڪشن جي التوا بابت منظور ڪيل ٺهراءُ کي ڪالعدم تصور ڪيو وڃي.










