چونڊيل ميمبر 60 ڏينهن ۾ حلف نه کڻڻ تي نا اهل ٿي ويندو

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو)  قومي اسيمبلي جي پارلياماني معاملن بابت قائمه ڪميٽي چونڊن کي شفاف بنائڻ جي لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال جي تجويز پيش ڪري ڇڏي آهي.اليڪشن ترميمي بل ۾ قائمه ڪميٽي طرفان 49 ترميمون تجويز ڪيون ويون. قائمه ڪميٽي پنهنجي تجويز ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن چونڊيل اميدوار پهرين اجلاس جي 60 ڏينهن جي اندر حلف نٿو کني ته ان جي سيٽ خالي ڪئي ويندي.پرڏيهي پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏنو وڃي. ڪميٽي طرفان اها تجويز به پيش ڪئي وئي آهي ته چونڊن کي شفاف بنائڻ جي لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽ مشين استعمال ڪئي ويندي ۽ سينيٽ اليڪشن جي پولنگ اوپن بيلٽ جي ذريعي ڪئي ويندي.قائمه ڪميٽي اها تجويز به پيش ڪئي آهي ته چونڊ لسٽ نادرا ۾ سڃاڻپ ڪارڊ رجسٽريشن ڊيٽا موجب ڪئي  وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو