چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن سان مڪمل سهڪار ڪبو: اعظم خان

چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن سان مڪمل سهڪار ڪبو: اعظم خان

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي نئين چونڊيل نگران وڏي وزير اعظم خان جو چوڻ آهي ته هو چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي مڪمل سهڪار فراهم ڪندا.ميڊيا سان ڳالهائيندي اعظم خان چيو ته پرامن چونڊون پهرين ترجيح آهن، چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، اليڪشن ڪميشن کي مڪمل سهڪار فراهم ڪنداسين.اعظم خان جو چوڻ آهي ته هو نگران گهرو وزير رهيو آهي ۽ چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن جي مڪمل حمايت ڪئي هئي.هن وڌيڪ چيو ته صوبي ۾ امن امان جو مسئلو آهي، مهانگائي جو مسئلو آهي، ان کي گهٽائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ڪوشش ڪندس.

پهنجو تبصرو موڪليو