چور مسجد جي پيش امام جو گهر ٻهاري ويا، ڳوٺاڻن جو احتجاج

لاکاروڊ( رپورٽ اظهر جلباڻي)  گوٺ ھوت خان جلباڻي ۾ چور مسجد جي پيش امام عمران علي جلباڻي جي گھر کي کاٽ ھڻي گھر م پيل سون ڪپڙا ۽ روڪ رقم چوري ڪري ويا. جنهن خلاف شھرين لطيف جلباڻي يونس ۽ صدام جلباڻي۽ ٻين شھرين احتجاجي مظاھرو ڪندي چيو ته ھوت خان جلباڻي ۾ ڏينھون ڏينھن بدامني وڌندي ٿي وڃي ۽ چورين م اضافو ٿي رھيو آھي.

هنن ٻڌايو ته ڪجھ ڏينھن اڳ مشتاق ڪمبوھ جا ٻه ڀلوڙ ٻڪر چور گھران چوري ڪري ويا ھئا ۽ گذريل رات مولوي عمران جلباڻي جي گھر کي چور کاٽ ھڻي گھر ۾ پيل الھ تلھ ٻهاري ويا هئا.  شھرين ان موقعي تي ايس ايس پي نوشھروفيروز کان مطالبو ڪيو ته چوري واپس ڪرائي ۽ چورن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت م ھو سخت احتجاج ڪندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو