چور آزاد ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن جو ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون

ميروخان (صفدر حسين تنيو) سيال برادري جي ماڻهن پاران سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي ايس ايڇ او رضا محمد کوسو خلاف رتوديرو شهدادڪوٽ روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو. جنهن سبب ٻنھي طرفن کان گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون مسافر اس نٽهڻ ۽ سخت گرميءَ ۾ پريشان بڻيل رهيا. ان موقعي ڳوٺاڻن اختر جان سيال، معشوق علي ، لال بخش سيال، ڪريم بخش ۽ ٻين چيو ته ايس ايڇ او ٻه هفتا اڳ چوري ٿيل موٽر سائيڪل واپس نه ڪرائي ڏيڻ ۽ چوري ڪيس ۾ گرفتار ٿيل جوابدارن خالد ديناري، الطاف لاشاري کان ڳري رشوت حاصل ڪرڻ بعد جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي . ايس ايڇ او  اسان ۽  ميڊيا کي ٻڌائي ٿو  ته جوابدار لاڪپ ٽوڙي فرار ٿي ويا آهن.هنن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ، ڊي آئي جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ سميت ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو  ڪيو ته سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي بنا دير هٽايو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او سجاول جوڻيجو رضا محمد کوسو ٻڌايو ته ڪجھ ڏينھن اڳ عرضي ڀٽو مان موٽر سائيڪل چوري ٿي ھئي اسان ان جي ڳولا ۾ لڳل آھيون  پر متاثر ڌر وارن موٽر سائيڪل جا پئسا ڀري ڏيڻ لاء چيو انڪار ڪرڻ تي مون کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ مختلف اشو ٺاھي ڪوڙ ھڻي رھيا آھن ته مون جوابدارن کي رشوت عيوض ڇڏي آهي. جڏھن ته متاثر ھن وقت تائين ڪابه ايف آءِ آر داخل نه ڪرائي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو