چوري واپس نه ٿيڻ خلاف قلم ڌڻين جو احتجاج

وارھ (ن س)  17 ڏينهن اڳ وارھ مان رات جو نامعلوم چور صحافي طالب حسين چانڊيو جو دڪان ڀڃي ٽي قيمتي موبائل فون، ليپ ٽاپ ۽ ٻيو سمورو سامان ٻھاري ويا هيا جنهن خلاف قلم ڌڻين ۽ مختلف تنظيمن طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي ذولفقار علي نوحاڻي، غفار مير جت، منظور قريشي، فقير بشير، ڪامريڊ منان چانڊيو، فياض چانڊيو، وقار رضا چولياڻي ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته وارھ پوليس ڏوهارين کي ٻڌ ڇوڙ جو ڪاروبار ڪيو ويٺي آھي 17 ڏينهن گذري ويا آھن قلم ڌڻي کي انصاف نه ملي سگهيو آھي جنهن جي اسان سخت مذمت ڪيون ٿا ۽ مطالبو ٿا ڪيون ته صحافي طالب حسين جي چوري واپس ڪرائي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ ملوث چورن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو