چوري دوران ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا، مزاحمت تي چور ۽ ڀاڳيو قتل

ٺل(عبدالنبي شيخ) بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ صاحبڏنو سومرو ۾ پرائمري استاد عبدالعزيز سومرو جي گهر ۾ نامعلوم چور گهر ۾گهڙي چوري جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا جتي ڀاڳين ۽ چورن وچ فائرنگ ٿي پئي. فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ چور مارجي ويو جڏهن ته چورن جي فائرنگ ۾ گهر ڌڻي غلام نبي سومرو گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي ويو. جڏهن ته واقعي ۾ غلام قادر، عبدالعزيز سومرو سميت ٻه گهر ڌڻي شديد زخمي ٿي پيا جن کي نازڪ حالت ۾  لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو آهي. اطلاع تي پوليس پهچي مارجي ويل چور ۽ ڀاڳي جو جو لاش کڻائي ٺل جي سرڪاري اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. مارجي ويل چور جي سڃاڻپ ياسين پٽ رحيم بخش ميراڻي طور ٿي آهي جيڪو ڳڙهي تيغو جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو