چورين جو آزار، پوليس جو ڇاپو 3 شڪي گرفتار

چورين جو آزار، پوليس جو ڇاپو 3 شڪي گرفتار

عادلپور (رپورٽ اسلم مھر)عادلپور ٿاڻي حد اندر چورين ۽ ڏوھن جي وارداتن ۾ تيزي اچڻ بعد پوليس ان ايڪشن لعل پير جي علائقي ۾ ڏھن کان وڌيڪ ٿاڻن جي پوليس جو  آپريشن ٽي شڪي گرفتار ڪري ورتو. گذريل رات ڊي ايس پي گھوٽڪي جي اڳواڻي ۾ ڏھن ٿاڻن جنھن ۾ عادلپور گھوٽڪي سرحد خانپور مھر ڪچو ٻنڌي بي سيڪشن سميت ٻين جي پوليس موبائلن اي پي سي چين ساڻ ڪري آپريشن ڪيو ويو جنھن ۾ ضلعي گھوٽڪي جي سوين اھلڪارن پڻ حصو ورتو ان حوالي سان ايس ايڇ او عادلپور نثارعالم ابڙو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته عادلپور ٿاڻي حد اندر چورين ٻين ڏوھن ۾ اضافو ٿيڻ ڪري ايڪٽو ڪرمنل ۽ روپوش جوابدارن خلاف آپريشن ڪيو ويو ان دوران ٽن ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آھي جن کان پڇا ڳاڇا سميت رڪارڊ چيڪ  ڪيو پيو  وڃي ھن وڌيڪ چيو ته ھتان جي ماڻھن جي جان ۽ مال جي حفاظت پوليس جو ڪم آھي جنھن ۾ غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. چورين ۽ ٻين ڏوھن ۾ ملوث جوابدارن جو گھيرو تنگ ڪري کين قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو