چلاس(ويب ڊيسڪ)چلاس ۾ زبون حال گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ماءُ ۽ 8 ٻارڙا فوت ٿي ويا.پوليس موجب چلاس جي علائقي بونارداس ۾ سڙيل گهر جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا 9 ڄڻا فوت ٿي ويا.پوليس موجب مارجي ويلن ۾ ماءُ، 4 پٽ ۽ 4 ڌيئرون شامل آهن، سمورن لاشن کي ملبي مان ڪڍيو ويو آهي.










