چاءِ جا پيسا گهرڻ تان قتل ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيو

چاءِ جا پيسا گهرڻ تان قتل ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيو

دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) دادو ۾ چاءِ جا پئسا گھرڻ تان ٻن جوابدار ڀائرن ھٿان قتل ڪيل ھوٽل پورھيت صدام حسين سولنگي جي قتل کي 15 ڏينھن گذري ويا اي سيڪشن پوليس جي سست رفتاري سبب ھڪ جوابدار عزيزعلي عرف اعظم سولنگي گرفتار ٻيو جوابدار سڄڻ سولنگي اڃا گرفتارنه ٿي سگهيو. مقتول جي پيءُ سرورسولنگي ٻڌايوته گرفتار جوابدار کي پوليس ٿاڻي تي گھوٽ وانگر رکيو ويو آھي کانئس ڪابه پڇا ڪونه ڪئي پئي وڃي. جوابدارن جوڀاءُ رشيد احمد ۽ سندس دوست اسان جي شاھدن ۽ مشيرن کي ڌمڪائي رھيا آھن ڪيس تان ھٿ کڻو ٻي صورت ۾ اوھان سان به اھڙو حشر ڪيوويندوجيڪو صدام سان ڪيو ويوآھي.ھن چيو ته جوابدار ڌر مان اسان کي خطرو آھي.کين گرفتار ڪري تحفظ ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو