اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي فوج جي قبضي کي 76 سال مڪمل ٿيڻ تي اڄ ڪشمير سميت سڄي دنيا ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي.ڀارتي قابض فوج پاران ڪشميرين تي مظالم جو سلسلو 76 سالن کان جاري آهي. ڪاري ڏينهن جي موقعي تي آزاد ڪشمير سميت پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون وينديون.رات 12 وڳي ڪشميرين احتجاج جي شروعات ڪندي آزادي چوڪ مظفرآباد ۾ ڀارت خلاف مارچ ڪيو، جڏهن ته ڪارا جهنڊا کڻي ڀارتي فوج جي قبضي خلاف سخت نعريبازي ڪئي.مظاهرين چيو ته ڀارت 76 سالن کان ڪشميرين جي آزادي کي طاقت جي زور تي دٻائي رهيو آهي.ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي مسلسل ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي، گڏيل قومن ڪشميرين کي حق خوداراديت ڏيارڻ جو واعدو ڪيو هو.گڏيل قومن کي ڪشميرين کي حق خوداراديت ڏيارڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
