ڄام برادرز مسلم ليگ ن ۾ شامل، شهباز جي آجيان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ صوبي جون مشهور شخصيتون ڄام قائم ۽ ڄام ڪرم مسلم ليگ ن ۾ شامل ٿي ويا آهن. ٻنهي اڳواڻن مسلم ليگ ن صدر شهباز شريف سان ملاقات دوران پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. شهباز شريف ٻنهي اڳواڻن جي ن ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي آجيان ڪندي چيو ته ٻنهي اڳواڻن جي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ سان سنڌ ۾ ترقي جو سفر تيز ڪرڻ ۾مدد ملندي. ان موقعي تي ن ليگ سنڌ جو صدر بشير ميمڻ، مرڪزي اڳواڻ اياز صادق، مريم اورنگزيب، راڻا مشهود ۽ کيئل داس ڪوهستاني به موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو