ڄامشورو ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، شڪي دهشتگرد گرفتار

ڄامشورو (ن س )ڄامشورو جي علائقي گوڙ يوسف ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ ڪارروائي ڪري هڪ شڪي دهشتگرد کي دستي بم سميت گرفتار ڪري ورتو.سي ٽي ڊي پوليس ڄامشورو ٿرمل پاور هائوس جي هاءِ ٽرانسميشن لائين ويجهو ڪارروائي ڪئي جتان مبينا دهشتگرد سجاد ملاح کي گرفتار ڪيو ويو.اختيارين موجب، جوابدار هاءِ ٽرانسميشن لائين کي بم سان اڏائڻ چاهيندا هئا.جوابدار سجاد ملاح قاضي احمد بينظير آباد جو رهواسي آهي جيڪو هاءِ ٽرانسميشن لائينز ۽ قاسم آباد ريلوي ٽريڪ تي بم ڌماڪن جي ڪيس ۾ گهربل هو جڏهن ته ٻه جوابدار ڌماڪيدار مادو کڻي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جوابدارن جو تعلق سنڌ لبريشن آرمي سان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو