احترام رمضان سبب شهيد ڀٽو جي ورسي وارو جلسو ملتوي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي 4 اپريل تي ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي ٿيندڙ اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.ان حوالي سان پيپلز پارٽي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي 14 اپريل تي ڳڙهي خدابخش ۾ جلسو ڪيو ويندو.پاڪستان پيپلز پارٽي جي ترجمان وڌيڪ ٻڌايو آهي ته پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جلسي کي خطاب ڪندو.پاڪستان پيپلز پارٽي جي ترجمان جو اهو به چوڻ آهي ته 4 اپريل جو اجلاس رمضان المبارڪ جي حوالي سان ملتوي ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو